دي اسٽوڊنٽ هيرالڊ

دي اسٽوڊنٽ هيرالڊ: هيءُ سنڌي- انگريزي، ٻن زبانن ۾ نڪرندڙ اخبار هئي، جيڪا 1924ع ڌاري ڪراچيءَ مان هفتيوار اخبار طور جاري ٿي. هيءَ شاگرد برادري جي اخبار هئي، جنهن و اعزازي ايڊيٽر ايم ايم ڪرپلاڻي هو. هن اخبار ۾ شاگردن جي مسئلن ۽ مطالبن جون خبرون شايع ٿينديون هيون. اخبار جي پهرئين صفحي تي مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام ۽ محمد صديق ميمڻ جا مضمون به ڇپبا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو